ميهڙ جي تعلقي اسپتال ۾ ايم ايس سميت 6 ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Larkana-PMA-Protest-DOctor-91217

ميهڙ جي تعلقي اسپتال ۾ ايم ايس سميت 6 ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پي ايم اي صدر ڊاڪٽر شاهه بيگ چانڊيو، ڊاڪٽر شريف پيرزادو ۽ ڊاڪٽر يار محمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ميهڙ تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اشفاق سومرو، هيپاٽائٽس پروگرام انچارج ڊاڪٽر اختر ڳورڙ، اسٽورڪيپر خرم آفتاب، غلام نبي چانڊيو، ڪلارڪ فاروق سيال ۽ وارڊ سرونٽ سجاد سيال کي بدانتظامي سبب گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 هنن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ناهي ٿيو جو ڊاڪٽرن کي دهشتگردي جي عدالت ۾ هٿڪڙيون هڻي پيش ڪيو وڃي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ٿيل ڊاڪٽرن ۽ عملي کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ڊيوٽيون جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*