سيٺارجا ۾ ڪرپشن خلاف سول سوسائيٽي پاران ريلي ڪڍي وئي

Protest-Crup-Sindh-Setaja-91217

سيٺارجا ۾ ڪرپشن خلاف سول سوسائيٽي پاران ريلي ڪڍي وئي.

مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پرويز مهدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ناڪي کان ميرواهه پل تائين هٿن ۾ بينر کڻي ريلي ڪڍي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪرپشن ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هر ادارو تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي، انهي خلاف سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

جڏهن ته ريلي ۾ استادن، شاگردن سميت شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*