ٺل ويجهو ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي تڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سندس ٻن پٽن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

Thul

ٺل ويجهو ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي تڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سندس ٻن پٽن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

جونگل ڀرسان ٽرڪ جو سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسمات صفيه پهوڙ سندس پٽ 16 سالن جو اسد پهوڙ، پٽ 14 سالن جو اديب ۽ نينگر مجيب الرحمان فوت ٿي ويا آهن.

پوليس حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ٺل جي تعلقي اسپتال کڻائي وئي، جڏهن ته پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*