ملڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي ته ڌرڻن وارو بابَ بند ڪرڻو پوندو ۽ اها فوج سميت سمورن ادارن جي ذميواري آهي, چوڌري نثار

Ch-Nisar-91217

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ چوڌري نثار چيو آهي ته ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻائڻ کان روڪڻو آهي ته ڌرڻن وارو باب مڪمل طور بند ڪرڻو پوندو، نواز شريف کي آخري ملاقات ۾ سمجهايو هيو ته فوج سان ٽڪراءُ ۾ نه اچڻ گهرجي.

ٽيڪسلا ۾ ميڊيا سا ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته ملڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي ته ڌرڻن وارو بابَ بند ڪرڻو پوندو ۽ اها فوج سميت سمورن ادارن جي ذميواري آهي.

هن چيو ته 2016 واري ڌرڻي ۾ رڳو ٻن ڏينهن ۾ معاملا حل ڪيا ۽ ڪو به روڊ بند نه ٿيو جڏهن ٻيو ڌرڻو آيو ته پارٽي ۾ خدشن باوجود ذميواري وٺڻ جي ڳالهه ڪئي.

سندس چوڻ هو ته 2014 ۾ عمران خان ۽ طاهر القادري جو ڌرڻو ريڊ زون ۾ داخل ٿيو ته اتي به 12 کان 14 هزار مظاهرين کي سيڪيورٽي اهلڪارن روڪيو ۽ اهو سڀ ان ڪري ٿيو ڇاڪاڻ ته گهرو وزير پاڻ ان جاءِ تي موجود هو.

چوڌري نثار جو چوڻ هو ته جڏهن هن گهرو وزارت جو عهدو سنڀاليو ته سڀني کي واضح هدايت ڪئي ته فيض آباد انٽرچينج تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو.

چوڌري نثار چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ بنانا ريپبلڪ بڻجڻ کان روڪڻو آهي ته ڌرڻن وارو باب بند ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته ڌرڻن واري روايت ختم نه ٿي ته هتي جَٿن جي حڪومت هوندي ۽ جيڪو طاقتور هوندو اهو اسلام آباد تي قبضو ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائيندو.

ن ليگ اڳواڻ چوڌري نثار چيو ته سندن حڪومت جا بيان کين چونڊن ۾ نقصان پهچائي سگهن ٿا جيڪڏهن هڪ بينچ کان ناانصافي ٿي ته سڄي عدليه کي ٽارگيٽ جو نشانو نه بڻائڻ گهرجي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*