پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ ججز تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Tahir-Ul-Qadri-Mustafa-kamal-91217

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ ججز تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي پاڻ کي قانون آڏو پيش ڪن.

لاهور ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال علامه طاهر القادري سان ملاقات ڪئي جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات بعد  گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پي اي ٽي سربراهه علامه طاهر القادري چيو ته ماڊل ٽائون ۾ آپريشن جو فيصلو ڪرڻ وارا 125 بيورو ڪريٽس ۽ پوليس آفيسرز کي به عهدي تان هٽايو وڃي.

هن چيو ته هو انصاف وٺي رهندا ۽ شهيدن جي رت سان انصاف لاءِ قانوني ۽ سياسي جنگ وڙهندا رهندا.

سندس چوڻ هو ته هو ضرورت پوڻ تي هو ڪارڪنن کي گهرائيندو ۽ پرامن طريقي سان ماڊل ٽائون سانحي جي ڪردارن کي انجام تائين پهچائيندا.

طاهر القادري جو چوڻ هو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُالله ملوث آهن، اسان انهن کي پنهنجي انجام تائين پهچائينداسين.

ان موقعي تي پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ڊاڪٽر طاهر القادري جي مطالبي جي حمايت ڪندي چيو ته راڻا ثناءُ الله جو نالو ماڊل ٽائون رپورٽ ۾ اچي چڪو آهي، ماڊل ٽائون سانحي جا ذميوار پاڻ کي قانون حوالي ڪن.

هن چيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري جي ڪوشش سان ماڊل ٽائون رپورٽ سامهون آئي ۽ سچ سامهون آيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*