ڪراچي جي سخي حسن واري علائقي ۾ ڦورو هٿ ۾ بم ۽ هٿيار کڻي بئنڪ مان لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويو

ڪراچي جي سخي حسن واري علائقي ۾ ڦورو هٿ ۾ بم ۽ هٿيار کڻي  بئنڪ مان لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويو، ڦورو جي هٿ ۾ بم ڏسي بئنڪ ۾ مقرر 3 سيڪيورٽي گارڊ  خوف  وچان  ڀڄي ويا.

ڪراچي جي سخي حسن واري علائقي ۾ بئنڪ مان ڦرلٽ جو انوکو واقعو پيش  آيو آهي.

گلبرگ پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ڦورو بم ۽ هٿيارن سان بئنڪ ۾ داخل ٿي  بئنڪ جو ڪائونٽر ٽوڙي 5 کان 6 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويو آهي.

پوليس جو وڌيڪ  چوڻ آهي ته ڦورو جي هٿ ۾ بم ڏسي بئنڪ تي مقرر 3 سيڪيورٽي گارڊ خوف وچان ڀڄي ويا، جڏهن ته بئنڪ عملي ۾ به ٿرٿلو مچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*