پ پ سنڌ دشمن پارٽي آهي سنڌين کي ان مان چڱائي جي اميد نه رکڻ گهرجي، جسقم وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي

شهيد بينظير آباد يونيورسٽي جي وي سي خلاف نوابشاهه ۾ جسقم ۽ جساف پاران 48 ڪلاڪن واري بک هڙتال ختم ڪئي وئي آهي، جسقم جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته پ پ سنڌ دشمن پارٽي آهي، سنڌ ۽ سنڌين کي ان مان چڱائي جي اميد نه رکڻ گهرجي.

وي سي ارشد سليم خلاف پريس ڪلب آڏو جسقم ۽ جساف پاران شروع ڪيل 48 ڪلاڪن واري بک هڙتال جسقم جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڪارڪنن کي جوس پياري ختم ڪرائي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پ پ سنڌ دشمن پارٽي آهي، سنڌين کي ان مان چڱائي جي ڪابه اميد نه رکڻ گهرجي.

هن چيو ته سنڌ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو پر انهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ ناهي آئي.

هن چيو ته شهيد بينظير آباد يونيورسٽي جي وي سي کي فوري طور نه هٽايو ويو ته  16 مارچ  تي  نوابشاهه ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*