وڏيون فلمون رڳو وڏن اسٽارز لاءِ ئي لکيون وينديون آهن، بپاشا باسو

بالي ووڊ اسٽار بپاشا باسو  جو چوڻ آهي ته وڏيون فلمون رڳو وڏن اسٽارز لاءِ ئي لکيون وينديون آهن.

دهلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بپاشا باسو جو چوڻ هو ته معاشري جيان بالي ووڊ تي به مردن جو غلبو آهي، وڏا بينر  وڏيون فلمون به وڏن اسٽارن لاءِ ٺاهين ٿا پر جڏهن ڪا اداڪارا هٽ فلم ڏئي ٿي ته سڀ ان جي پويان ڊوڙين ٿا، اها هڪ مخصوص ذهنيت آهي.

بپاشا باسو پنهنجو وزن گهٽائي سلم بڻجي وئي آهي، سندس ان حوالي سان چوڻ هو ته فٽنيس جو مطلب آهي پنهنجو پاڻ سان پيار ڪرڻ انڪري مون به يوگا ۽ ٻيا ورزش جا طريقا اختيار ڪري ورتا آهن ته جيئن فٽ رهان ۽ ٻين کي به صلاح ڏيندم ته اهي به پاڻ کي فٽ رکڻ لاءِ يوگا ۽ ورزش ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*