عراق ۾ شدت پسند تنظيم داعش ۽ حڪومتي فورسز وچ ۾ ڇتي ويڙهه جاري، 17 ويڙهاڪ مارجي ويا

عراق جي مختلف علائقن ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين پاران رات دير سان شدت پسند تنظيم داعش جي ٺڪاڻن تي هوائي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ 17 ويڙهاڪن جي مارجڻ جا اطلاع مليا آهن ٻئي پاسي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ پاران عراق جي علائقن ۾ هوائي حملن جون وڊيوز به جاري ڪيون ويون آهن.

عراق ۾ شدت پسند تنظيم داعش ۽ حڪومتي فورسز وچ ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي جنهن ۾ رات دير سان القائم واري علائقي ۾ آمريڪا جي اتحادين پاران داعش جي ٺڪاڻن تي هوائي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ 17 ويڙهاڪ مارجي ويا.

عراق جي بچاءُ واري وزارت پاران هوائي حملن ۾ ويڙهاڪن جي مارجڻ جي تصديق به ڪئي وئي آهي.

القائم جي اسپتال انتظاميه موجب هوائي حملن ۾ 9 عام شهري به مارجي ويا جڏهن ته 29 ويڙهاڪن کي زخمي حالت ۾ آندو ويو.

ٻئي پاسي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ پاران عراق جي مختلف علائقن ۾ 18 فيبروري کان ڪيل هوائي حملن جون وڊيوز به جاري ڪيون ويون آهن.

پهرين وڊيو صلاح الدين واري علائقي جي آهي جنهن ۾ ويڙهاڪن جي ٿاڪن کي تباهه ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.

ٻي وڊيو وري سِنجار واري علائقي جي آهي جتي اتحادين پاران 20 فيبروري تي هوائي حملا ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*