مڪي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيل سنڌ جي سريلي راڳي صادق فقير جو مڙهه اڄ تائين ڏيهه آندو ويندو

مڪي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيل سنڌ جي سريلي راڳي صادق فقير جو مڙهه اڄ تائين ڏيهه آندو ويندو، سندس ٻارڙن حادثي بعد پهريون ڀيرو پنهنجي زخمي امڙ سان ملاقات ڪئي، محبوب فنڪار جي وڇوڙي تي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي.

مڪي شريف ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل صادق فقير جو مڙهه مڪي شريف جي  اسپتال ۾ موجود آهي، سندس زخمي گهرواري ۽ سالي جو علاج جاري آهي، جن جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.

صادق جي پٽ راحت علي، علي رضا ۽ ڌي عظميٰ حادثي بعد پهريون ڀيرو اسپتال ۾ داخل پنهنجي امڙ سان ملاقات ڪئي.

وڏي وزير قائم علي شاهه سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ ڪراچي ۾ سعودي سفارتخاني سان مڙهه جي واپسي بابت ڳالهائڻ سان گڏ سعودي عرب ۾ مرحوم فنڪار جي پوئنرن کي به فون ڪري آٿت ڏني ۽ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.

پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي صادق فقير جي مڙهه کي وطن واپس آڻڻ ۽ سندس ڪٽنب کي سار سنڀال جي هدايت ڪئي  آهي.

هن فنڪار جي لاڏاڻي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته مڙهه جي واپسي لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، ممڪن  ٿي سگهيو ته اڄ تائين مڙهه وطن آندو ويندو.

مٺي ۾ وڇايل تڏي تي صادق فقير جي پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*