نوشهروفيروز ۾ آبپاشي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

nfroze pro

نوشهروفيروز ۾ آبپاشي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو آهي.

 سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي اقبال احمد لاڙڪ، سيد مهتاب علي شاهه، خادم حسين مري ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري انجنيئر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته آبپاشي کاتي جي ملازمن سان سرڪار پاران ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ معاهدا ڪرڻ باوجود اسان جا جائز مسئلا حل نه پيا ٿين.

هنن چيو ته اسان پنهنجي جائز مطالبن ٽائيم اسڪيل،  فوتي ڪوٽا، ايل بي او ڊي جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ ۽ ڪالونين تان قبضا ختم ڪرائڻ  سميت سن ڪوٽا لاءِ  احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪير به نوٽيس نه ٿو وٺي.

هنن گهر ڪئي ته مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*