کپري ۾ هفتو اڳ 10ورهين جي نينگر هرش ڪمار لوهاڻو کي مبينا طور اغوا ڪري ساڻس زيادتي ڪرڻ ۽ ويڊيو ڀرڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

khapro

کپري ۾ هفتو اڳ 10ورهين جي نينگر هرش ڪمار لوهاڻو کي  مبينا طور اغوا ڪري ساڻس زيادتي ڪرڻ ۽ ويڊيو ڀرڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

هندو برادري جي سڏ تي سياسي سماجي ڌرين ڊاڪٽر گوبند رام، ممتاز ملاح، مکي موهن داس، حيات سميجو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾احتجاجي ريلي ڪڍي شهيد چوڪ تي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي  اڳواڻن چيو ته ذيشان، عرفان جٽ ۽ فيصل ملڪ خلاف واقعي جي ايف آءِ  آر داخل آهي، پران جي  باوجود کپرو پوليس پاران جوابدارن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي.

 هنن چيو ته جوابدارن کي سياسي پٺڀرائي حاصل آهي، ان ڪري پوليس کين گرفتار نٿي ڪري.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*