حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ تيار آهي اسحاق ڊار

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت عمران جي عدالتي ڪميشن ۾ ايجنسيز جي اهلڪارن کي شامل ڪرڻ واري مطالبو حيران ڪندڙ آهي، عدالتي ڪميشن ۾ ججز هوندا آهن، ايجنسيز جا اهلڪار نه، حڪومت پي ٽي آءِ وارن سان ڳالهيون ختم ناهن ڪيون.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت چاهي به اهڙي قسم جي ڪابه ڪميشن نٿي جوڙي سگهي، جڏهن ته حڪومت وٽ عدالتي ڪميشن لاءِ ججز جا نالا به تجويز نه ٿي ڪري سگهي.

هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ وارن سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ان کان اڳ 15 کان وڌيڪ ملاقاتون ڪيون ويون، جنهن جو ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو.

ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت آئيني کان هٽي ڪري ڪا به ڪميشن نٿي جوڙي سگهي، سمورا معاملا آئيني حدن ۾ رهي ڪري حل ڪيا ويندا.

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته حڪومت پي ٽي آءِ وارن سان ڳالهن لاءِ تيار آهي، هنن ئي ڳالهين جا دووازا بند ڪيا آهن.

ناڻي واري وزير جو اهو به چوڻ هو سڄِ دنيا 2013 جي چونڊن کي شفاف ترين قرار ڏنو آهي.

ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ سماءِ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته سندس اختيارن ۾ هجي ها هو پهرين ڏينهن ئي پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏيا ها.

هن چيو ته عمران خان پاڻ کي بادشاهه ئي پاڻ کي ئي سلطنت ٿو سمجهي، پهرين ڏينهن کان ئي الزام هنيا پيا وڃن، پر ثبوت پيش نه پيا ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*