ڪراچي ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جاري، ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو

ڪراچي  ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب  ٿڌ ۾اضافو  ٿيو آهي ، موسميات کاتي موجب  برسات جو سلسلو  سڀاڻي تائين جاري رهندو، سنڌ سرڪار امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي جي  ڪلفٽن، اختر ڪالوني، ڊفينس، لياري ، گلشن اقبال، نارٿ ڪراچي ، نيو ڪراچي ۽ٻين علائقن ۾  برسات پئي، جنهن ڪري روڊن تي پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿيو آهي.

موسميات کاتي موجب سنڌ جي ٽن ڊويزنز ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي اڪثر هنڌن تي برسات جو سلسلو سومر تائين جاري رهندو.

برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سڄي صوبي اندر رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

برساتن دوران امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن جي ملازمن توڙي عملدارن جون موڪلون به رد ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*