سنڌ ۾ اردو ٻولي لاڳو نه ڪرڻ واري معاملي تي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

Supreme-Cour-Karachi-14317

سنڌ ۾ اردو ٻولي لاڳو نه ڪرڻ واري معاملي تي وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

اقبال ڪاظمي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ سيپٽمبر 2015 ۾ اردو ٻولي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر ان تي عمل نه پيو ڪيو وڃي.

هن ڄاڻايو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ جون پابند آهن، جنهنڪري حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*