وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي

pm

وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي،جنهن ۾ سياري جي مند ۾ توانائي جي کپت ۽ پيداوار واري معاملي تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

وزير اعظم هائوس ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ توانائي واري وزارت پاران بجلي جي پيداوار ۽ گيس لوڊ مئنيجمينٽ بابت بريفنگ ڏني پئي وڃي.

توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ بجلي ۽ گيس جي پيداوار جو جائزو وٺڻ بعد سياري جي مند ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*