صوبائي گهرو کاتي، ڪراچي جي ريڊ زون وارن علائقن ۾ احتجاج کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي

Karachi-Police-Musa-Colony-13816

صوبائي گهرو کاتي، ڪراچي جي ريڊ زون وارن علائقن ۾ احتجاج کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

گهرو کاتي، ريڊ زون وارن علائقن ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي لاڳاپيل ادارن ڏانهن نوٽيفڪيشن اماڻي  ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ريڊ زون وارن علائقن ۾ 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ۽ هٿيارن جي نمائش تي 6 مهينن لاءِ پابندي هوندي، جنهن کي لاڳاپيل ادارا يقيني بڻائين.

ٻي طرف اسرائيل ۾ آمريڪي سفارتخانو قائم ڪرڻ خلاف شاگردن پاران ڪراچي جي وفاقي اردو يونيورسٽي آڏو احتجاج جاري آهي، جيڪي آمريڪي قونصليٽ ڏانهن مارچ ڪري سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*