خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل صحت مند نوجوان تي ڀاڙي ٿو، عمران خان نوجوانن جي اميد بڻجي اڀريو آهي

pervez khatak

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل صحت مند نوجوان تي ڀاڙي ٿو، عمران خان نوجوانن جي اميد بڻجي اڀريو آهي، اسان چونڊن ۾ ڪنهن اتحاد جو حصو نه بڻجنداسين.

پشاور ۾ يوٿ ڪار نيول کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته ملڪ جو مستقبل صحت مند نوجوانن تي ڀاڙي ٿو.

هن چيو ته 60 سالن کان سڙيل نظام ملڪ کي يرغمال بڻائي ڇڏيو هو، عمران خان نوجوانن جي اميد جي ڪرن بڻجي اٿيو آهي.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت سڌارن جو ذڪر ڪرڻ ممڪن نه آهي، واحد صوبائي حڪومت آهي، جنهن يوٿ پاليسي بڻائي.

هن چيو ته موجوده حڪومت صوبي ۾ 100 کان وڌيڪ راندين جا ميدان ٺاهيا آهن، وڌيڪ چار سپورٽس ڪمپليڪس ۽ رانديگرن جي لاءِ هاسٽل ٺاهيا ويندا.

ان کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته عمران خان جو وقت کان اڳ چونڊون وارو مطالبو درست آهي، تحريڪ انصاف ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن اتحاد جو حصو نه بڻجندي.

پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته ملڪ جي قيادت آصف زرداري ۽ نواز شريف جهڙن ڪرپٽ ماڻهن وٽ هجي ته قوم جو الله ئي واهي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*