بک ۽ بيمارين سبب ٿر جي اسپتالن ۾ اڄ وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت، انگ وڌي 441 ٿي ويو

ٿر ۾ ڏڪار سبب پکڙيل  بيمارين تي انتظامي بي حسي سبب ضابطو نه اچي سگهيو آهي، اڄ مٺي سول اسپتال ۽ ڏيپلو ۾ وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 441 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيترن ئي ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

انتظامي بي حسي، چونڊيل نمائندن جي لاڳيتو لاپرواهي سبب ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ پکڙيل بيمارين تي ضابطو  نه اچي سگهيو آهي، سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرز جي کوٽ سبب انساني زندگيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو بدستور جاري  آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ داخل وڌيڪ 5 ٻارڙا ۽ ڏيپلو جي ڳوٺ ڏاندو ۾ 6 مهينن جو ٻارڙو فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 441 ٿي ويو  آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ فوت ٻارڙن ۾ ڳوٺ کارو بجير واسي اقبال بجير جو هڪ ڏينهن جو پٽ، ڳوٺ لاکي جي وانڍ جي رهواسي جي ٻن ڏينهن جي ٻارڙي، ڳوٺاڻي چيلار ميگهواڙ جي  10 ڏينهن جي ٻارڙي، ڳوٺ موکار واسي پورهيت جو 4 ڏينهن جو ٻارڙو ۽ ننگر پار واسي علي گل جي ٻارڙي زبيده شامل آهن.

مٺي، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ سميت مختلف اسپتالن ۾ بيمارين جو شڪار ڪيترائي ٻارڙا علاج هيٺ آهن، سهولتن جي اڻهوند سبب ٻارڙن جون  حياتيون داءُ تي لڳل آهن.

والدين جو چوڻ آهي ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز ۽ دوائن جي کوٽ ڪري سندن ٻارڙن جو علاج نه ٿي رهيو آهي،جنهن سبب سندن ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*