سڪرنڊ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري

سڪرنڊ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي هڪ ڌر جي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

شهر جي واپڊا ڪالوني ۾ سرڪاري پلاٽ تي مگسي ۽ انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ وقفي وقفي سان  فائرنگ جاري آهي، جنهن سبب شهر ۾ خوف ڇانيل آهي.

حد جي پوليس اضافي نفري طلب ڪري واپڊا ڪالوني واري علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس انڙ برادري جي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ڪافي وقت کان تڪرار هلندڙ آهي، ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻي رهيا آهيون.

پوليس موجب، انڙ برادري جي 4 ڄڻن طالب انڙ، عثمان انڙ، سردار انڙ ۽ ممتاز انڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*