سنڌ جي سريلي راڳي صادق فقير جو مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون نه ٿيون، محبوب فنڪار جي وڇوڙي تي سنڌ ۾ سوڳ

مڪي شريف ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيل سنڌ جي سريلي راڳي صادق فقير جو مڙهه  ڏيهه آڻڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون نه ٿيون  آهن، محبوب فنڪار جي وڇوڙي تي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي.

سعودي سفارتخاني ۾ ٻه ڏينهن موڪل هئڻ سبب صادق فقير جو مڙهه ڏينهن آڻڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون نه ٿي سگهيون آهن.

حادثي ۾  زخمي صادق فقير  جي گهرواري ۽سندس سالي جو علاج جاري آهي، جن جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.

صادق جي پٽ راحت علي، علي رضا ۽ ڌي عظميٰ حادثي بعد پهريون ڀيرو اسپتال ۾ داخل پنهنجي امڙ سان ملاقات ڪئي.

مٺي ۾ وڇايل تڏي تي صادق فقير جي پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*