لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي سالياني چونڊ جاري، پولنگ جو عمل شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو

لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي سالياني چونڊ جاري آهي، جنهن ۾ عاصمه جهانگير گروپ جي مسعود چشتي ۽ حامد خان گروپ جي شاهد مقبول ۾ صدارت لاءِ مقابلو ٿي رهيو آهي.

 لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي سيالياني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل صبح جو نائين وڳي شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام جو پنجين وڳي تائين جاري رهندو.

هاءِ ڪورٽ بار جي 4 عهدن لاءِ 10 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي پر صدارت لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي اميدوار پير مسعود چشتي کي مضبوط اميدوار سمجهيو پيو وڃي، جنهن جو مقابلو حامد خان گروپ جي شاهد مقبول سان مقابلو ٿي رهيو آهي.

 بار جي چونڊن لاءِ 19 هزار کان وڌيڪ وڪيل پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا.

هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ پهريون ڀيرو 10 هزار کان وڌيڪ وڪيل بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، جڏهن ته ٻيا وڪيل بيلٽ پيپر ذريعي ووٽ ڪاسٽ ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*