معين خان جي اسڪينڊل جو ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪو به اثر نه پوندو، قومي ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ٻه ميچز ۾ شڪست بعد ٽيم جي سمورن رانديگرن مٿان دٻآءِ آهي پر هو گهڻو پراميد آهي ته زمبابوي خلاف رٿيل ميچ ۾ کين ڪاميابي حاصل ٿيندي.

آسٽريليا جي شهر برسبين ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو ته زمبابوي جي ٽيم خلاف سڀاڻي رٿيل ميچ ۾ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ کي ترجيح ڏينداسين.

هن چيو ته معين خان جي اسڪينڊل جو ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڪو به اثر نه پوندو،ڇاڪاڻ جو ٽيم جي سمورن رانديگرن جو ڌيان ايندڙ ميچز ۾ ڪاميابي تي کتل آهي.

مصباح الحق جو چوڻ هو ته ايندڙ ميچز ۾ ٽيم جي بيٽسمينن کي پوري زميواري سان بيٽنگ ڪرڻي پوندي۽  مڊل اوورس ۾ بالنگ جو معيار به سٺو نه رهو آهي ،جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان جو وڌيڪ چوڻ هو ته زمبابوي خلاف سڀاڻي رٿيل ميچ ۾ ڪهڙو اسڪواڊ شامل هوندو، ان جو فيصلو ٿي چڪو آهي پر ان بابت ميڊيا کي اگاهي نٿي ڏئي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*