پاڪستان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو ڪيس بابت عالمي عدالت ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيوآهي ته ڪلڀوشن ياديو عام قيدي ناهي، ان ڪري ويانا ڪنوينشن مٿس لاڳو نه ٿو ٿئي

Boshan-India-Raw-16317

پاڪستان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو ڪيس بابت عالمي عدالت ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيوآهي ته ڪلڀوشن ياديو عام قيدي ناهي، ان ڪري ويانا ڪنوينشن مٿس لاڳو نه ٿو ٿئي.

پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر انڊيا فريحا بگٽي پاران داخل ڪيل جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪلڀوشن غير ملڪي جاسوس آهي، جيڪو دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ لاءِ پاڪستان آيو، جنهن کي رڱيل هٿن سان گرفتار ڪيو ويو، ان لاءِ قيدين بابت ويانا ڪنوينشن جون شقون لاڳو نه ٿيون ٿين.

 جواب ۾ڪلڀوشن ياديو جي تخريبي سرگرمين، ٽرائل ۽ چارج شيٽ جا تفصيل جمع ڪرايا ويا آهن.

پاڪستان پاران جواب جمع ڪرائڻ کانپوءِ عالمي عدالت کي فيصلوڪرڻو آهي ته ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي ويندي يا پاڪستان ۽ ڀارت کي وڌيڪ جواب لاءِ مهلت ڏني ويندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*