پاڪ فوج فاٽا کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي مڪمل طور حمايت ڪري ٿي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا

Army-Cheif-Qamar-Bajwa-131217

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج فاٽا کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي مڪمل طور حمايت ڪري ٿي، نوجوان فاٽا جي ترقي ۽ امن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان قبائلي اڳواڻن ۽ يوٿ جرڳي جي وفد ڌار ڌار ملاقات ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف فاٽا کان ايندڙ وفد کي يقين ڏياريو ته پاڪ فوج فاٽا کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ واري عمل جي مڪمل طور حمايت ڪري ٿي.

وفد فاٽا کي قومي ڌارا ۾ شموليت بابت پاڪ فوج جي قربانين ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان مڪمل سهڪار ڪرائڻ تي قبائلي اڳواڻن ۽ نوجوانن جي تعريف ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته هو فاٽا جي مستقبل بابت قبائلي وفد جي خيالن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته فاٽا جي بهادر عوام جي قربانين ذريعي جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ پُختي امن ڏانهن وڌي رهيو آهي.

ان موقعي تي آرمي چيف فاٽا اڳواڻن کي پاڪ افغان سرحد تي سيڪيورٽي جي کنيل قدمن ۽ ٻطرفي لاڳاپن بابت افغان قيادت سان ٿيل ڳالهين بابت به آگاهه ڪيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*