اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي پڌرائي ۾ عالمي برادري کان بيت المقدس کي فلسطين جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

OICSummit-131217

اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي پڌرائي ۾ عالمي برادري کان بيت المقدس کي فلسطين جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ترڪي جي شهر  استنبول ۾ 57 ملڪن جي ٿيل او آءِ سي جي هنگامي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي.

او آءِ سي سربراهي اجلاس جي گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بيت المقدس بابت آمريڪي قدم سان دهشتتگردي ۽ انتها پسندي کي هٿي ملندي.

پڌرائي موجب آمريڪا جو بيت المقدس بابت اعلان امن کان پري هٽڻ آهي، آمريڪا وچ اوڀر ۾ امن امان بابت پنهنجو ڪردار ختم ڪري.

او آءِ سي اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري بيت المقدس کي فلسطين جو گادي وارو هنڌ تسليم ڪري.

ان کان اڳ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ترڪ صدر رجب طيب اردگان اسرائيل کي دهشتگرد رياست قرار ڏنو، سندس چوڻ هو ته اسرائيل دهشتگرد رياست آهي، هو آزاد فلسطيني رياست جي مطالبي تان هٿ نه کڻنداسين.

ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته آمريڪي فيصلو انتهاپسندن جي مفاد ۾ آهي، اهو فيصلو اسرائيلي دهشتگردي جي کنيل قدمن جو آمريڪي تحفو آهي، جنهن کي رڳو اسرائيل جي حمايت حاصل آهي.

رجب طيب رجب اردگان چيو ته اسرائيلي فوج فلسطيني ٻارڙن کي شهيد ڪري رهي آهي، اسرائيل قبضو ڪندڙ ۽ دهشتگرد رياست آهي.

او آءِ سي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته امريڪا اسرائيل جي حمايت ۾ سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون آهن،

فلسطيني صدر چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري سنگين ڏوهه ڪيو آهي.

فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته امن عمل ۾ امريڪا جو ڪوبه ڪردار قبول نه آهي.

ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ هو ته آمريڪي قدمن سان ثابت ٿي ويو ته آمريڪا امن جي عمل ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته فلسطين جو عوام پنهنجي حقن لاءِ وڙهي رهيو آهي، اسان انهن سان گڏ آهيون………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*