نواز شريف سان گڏ ڪرپشن ۾ ملوث 436 ماڻهن کي به هٿڪڙيون هڻي اڊيالا جيل موڪليو وڃي،جماعت اسلامي جي امير سراج الحق

Siraj-Ul-Haq-131217

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته نواز شريف سان گڏ ڪرپشن ۾ ملوث 436 ماڻهن کي به هٿڪڙيون هڻي اڊيالا جيل موڪليو وڃي، حڪومت ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪي آهي ۽ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺي آهي، جمهوريت کي سڀ کان وڌيڪ نقصان حڪمرانن مان آهي، 31 ڊسمبر تائين فاٽا بل اسميبلي ۾ پيش نه ٿيو ته فاٽا جو عوام حق وٺڻ لاءِ تيار رهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته  اسحاق ڊار جا ملڪي معيشت کي مضبوط رڪڻ وارا مفروضا ناڪام ثابت ٿي ويا آهن ۽ هاڻ حڪومت وٽ ايندڙ بجيٽ لاءِ پئسو ئي ناهي ۽ خسارو 15 ارب ڊالرز تائين وڃي پهتو آهي.

هن چيو ته حڪومت 31 ڊسمبر تائين فاٽا مسئلي تي بل اسيمبلي ۾ پيش نه ڪري ته فاٽا جو عوام چادر ۽ خيما تيار ڪري رکي، اسان به ساڻن هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته، جمهوريت کي سڀ کان وڌيڪ خطرو حڪمرانن مان آهي، نواز شريف سان گڏ ڪرپشن ۾ ملوث ٻين 436 ماڻهن کي به هٿڪڙيون هڻي اڊيالا جيل موڪليو وڃي.

سراج الحق چيو ته حڪومت ڌٻڻ ۾ ڦاسي وئي آهي ۽ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت کان به محروم ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته طاهرالقادري کي ماڊل ٽائون واقعي تي ڌرڻي ۽ احتجاج جو حق حاصل آهي، سانحي جي جوابدارن کي فوري طور تي سزائون ڏنيون وڃن.

سراج الحق چيو ته بيت المقدس معاملي بابت ملين مارچ ڪراچي ۾ ٿيندو جنهن جو جائزو وٺڻ لاءِ هتي آيو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*