آمريڪا طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي هو ان جي مذمت ڪن ٿا,وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

Khaqan-Abbasi-Pm-Pakistan-131217

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪا طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مسلمانن جي ڀلائي او آءِ سي جو گڏيل روڊ ميپ هئڻ گهرجي، مسلمان ملڪن کي آزاد فلسطين رياست لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

ترڪي جي شهر استنبول ۾ مسلمان ملڪن جي سهڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته آمريڪا طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي هو ان جي مذمت ڪن ٿا.

هن چيو ته اسرائيلي فوج گذريل 70 سالن کان فلسطينين تي ظلم ڪري رهي آهي ۽ ڀارت به گذريل 70 سالن کان غيرقانوني طور والاريل ڪشمير تي قبضو ڪري ويٺل آهي.

سندس چوڻ هو ته هو پاڪستاني عوام طرفان آمريڪي فيصلي جي سخت مذمت ڪري ٿو، هن وقت سمورو پاڪستان فلسطيني عوام سان گڏ آهي.

وزيراعظم آمريڪا کان پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته عالمي برادري والاريل بيت المقدس کي فلسطين جي گادي وارو شهر تسليم ڪري.

هن چيو ته سلامتي ڪائونسل  بيت المقدس جي معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته مسلمان امت ۽ او آءِ سي جو واحد ۽ گڏيل روڊ ميپ هجڻ گهرجي، اسان کي آزاد فلسطيني رياست لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا جي مسلمانن کي انصاف ڏيارڻ ۽ سندن آزادي لاءِ هڪ ٿيڻو پوندو.

ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي يروشليم تڪرار ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ 3 سفارشون به  پيش ڪيون.

وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن سلامتي ڪائونسل هن معاملي تي سنجيده ناهي ته مسئلي کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اٿارڻ گهرجي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته اسرائيل فوج جو ڏاڍ ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسلامي سهڪاري تنظيم اقتصادي طور تي به دٻاءَ وجهي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ٽِين سفارش پيش ڪندي چيو ته فلسطين مسئلي کي انصاف جي عالمي عدالت ۾به اٿاري سگهجي ٿو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*