سکر ۾ سينٽرل جيل اندر قيدي تي تشدد ٿيڻ وارو معملو ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش تي نشر ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سکر ۽ آءِ جي جيلز کان رپورٽ طلب

Sindh-High-Court-Case-11117

سکر ۾ سينٽرل جيل اندر قيدي تي تشدد ٿيڻ وارو معملو ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش تي نشر ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سکر ۽ آءِ جي جيلز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

گذريل ڏينهن قيدي آصف عباسي کي پيشي لاءِ عدالت آندو ويو ته هن عدالت ٻاهران ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جيل انتظاميا رشوت نه ڏيڻ تي تشدد ڪري رهي آهي، جنهن جو سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي آءِ جي جيلز نصرت مڱڻ ۽ ڊسٽرڪٽ جج سکر کان هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

آءِ جي جيلز جي حڪم تي ڊي آءِ جي جيلز سکر مظفر عالم صديقي سينٽرل جيل پهچي معاملي جي انڪوائري ڪئي، انڪوائري دوران جيل انتظاميا توڙي قيدي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، جيل انتظاميا ٻڌايو ته قيدي آصف عباسي ڀلاوا ٻوٽي ذريعي پنهنجي جسم تي پاڻ زخم ڪيا آهن.

ٻئي پاسي فرسٽ ايڊيشنل جج سکر پاران جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي طلب ڪندي قيدي جي ميڊيڪل رپورٽ پڻ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*