سڪيورٽي فورسز چارسده جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 77 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا

 پشاور ۽ چارسده جي مختلف علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروايون ڪري افغانين کي جعلي ڊرائيونگ لائيسنس ٺاهي ڏيندڙ جوابدارن سميت 79 ڄڻن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سڪيورٽي فورسز چارسده جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 77 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن ۾ 17 شڪي به شامل آهن، جن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پشاور جي ڪوهاٽ روڊ تي پوليس ڪارروائي ڪري 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 2 ڄڻا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان هزارين جعلي ڊرائيونگ لائيسنس هٿ ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب، جوابدار افغانين کي جعلي ڊرائيورنگ لائيسنس ٺاهي ڏيندا هئا، جن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*