سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي عوام جي اميدن موجب ناهي، وفاقي وزير احسن اقبال

ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال اعتراف ڪيو آهي ته سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي عوام جي اميدن موجب ناهي، حڪومت ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته عوامي سطح تي اختيارين تي صحيح استعمال جي کوٽ آهي، صلاحيت ۽ اهليت کي مناسب انداز ۾استعمال ڪرڻ جي ضرروت آهي.

هن چيو ته سرڪاري ادارا عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ ناڪام ويا آهن پر حڪومت ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي  آهي.

احسن اقبال چيو ته سرڪاري ادارن جي بهتري لاءِ عوام جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي، عوام پاران ملندڙ تجويزن تي هر صورت عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو.

وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته انفرادي سطح تي اسان جا سرڪاري ملازم دنيا ۾ ڪنهن کان به پوئتي نه آهن، اهي آڪسفورڊ ۾ پڙهندڙن جيان پريزنٽيشن ڏئي سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*