اسلام آباد پوليس ذڪي الرحمان لکوي کي اغوا ڪيس ۾ سڪيورٽي خدشن سبب پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد پوليس، ممبئي حملا ڪيس جي مک جوابدار ذڪي الرحمان لکوي کي اغوا ڪيس ۾ سڪيورٽي خدشن سبب پيش ڪرڻ کان  معذرت ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ نويد خان جي عدالت ۾ ذڪي الرحمان لکوي خلاف اغوا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

اڊيالا جيل انتظاميه جڊيشل مئجسٽريٽ نويد خان جي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

 رپورٽ  ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي خدشا آهن، جنهن ڪري ذڪي الرحمان لکوي کي عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي.

جيل انتظاميه موجب، پنجاب حڪومت، ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جيستائين نوٽيفڪيشن معطل نٿو ٿئي، تيستائين پيشي ممڪن ناهي.

عدالت، رپورٽ پيش ٿيڻ بعد ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته ممبئي حملا ڪيس جو مبينا مک جوابدار ذڪي الرحمان لکوي اڊيالا جيل ۾ نظربند آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*