نادرا لاهور جي ٻن پولنگ اسٽيشنز جي ووٽن جي تصديقي رپورٽ اليڪشن ٽربيونل ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

نادرا، وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جي تڪ اين اي هڪ سئو 25 لاهور جي ٻن پولنگ اسٽيشنز جي ووٽن جي تصديقي رپورٽ اليڪشن ٽربيونل ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ 13 سئو کان وڌيڪ ووٽ سڃاڻپ جوڳا نه هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

 نادرا پاران اين اي هڪ سئو 25 جي ٻن پولنگ اسٽيشنز جي 15 سئو کان وڌيڪ ووٽن جي تصديقي رپورٽ اليڪشن ٽربيونل فيصل آباد ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته پولنگ اسٽيشنز نمبر هڪ سئو 10 ۽ هڪ سئو 11 تي 15 سئو کان وڌيڪ ووٽن مان 13 سئو 20 ووٽن جي اڱوٺن جي نشاندهي ناهي ٿي سگهي.

ٻنهي پولنگ اسٽيشنز جي ووٽن جي فرانزڪ رپورٽ ۾ پڻ وڏي پئماني تي اڱوٺن جي نشان جي تصديق نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو هو.

اين اي هڪ سئو 25 تي مسلم ليگ ن جو خواجه سعد رفيق ڪامياب ٿيو هو، جنهن جي ڪاميابي کي پي ٽي آءِ جي حامد خان چيلينج ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*