سيٺارجا ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر دوران هڪ نوجوان فوت، 11 زخمي

سيٺارجا ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر دوران هڪ نوجوان فوت ۽ 11 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي خيرپور جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

سئي گئس اسٽاپ وٽ قومي شاهراهه تي ڪراچي کان جيڪب آباد ويندڙ مسافر ڪوچ جو سامهون ايندڙ گاڏي سان زور دار ٽڪر ٿيو.

حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان عاصف علي ٿڏي تي فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي مسافرن کي سکر، گمبٽ ۽ خيرپور جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي .

زخمي مسافرن ۾ مٺو مري، عمير، عامر، فاروق، صابر ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن کي سکر اسپتال نيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*