شڪارپور سانحي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد  قائم علي شاهه  پوليس جي سينئر آفيسرز جي مقررين ۽ بدلين تي ٽن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير شڪارپور سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ڏانهن موڪلڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گرفتار ٻنهي جوابدارن جو واسطو لشڪر جهنگوي سان آهي ۽ آپگهاتي بمبار کي بلوچستان مان آندو ويو، جيڪو هڪ مهيني تائين امام بارگاهه جي ريڪي ڪندو رهيو.

وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ خورشيد شاهه ۽ شرجيل ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس وڏي وزير چيو ته شڪار پور سانحي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ، جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ۽ انهن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي سان آهي.

وڏي وزير چيو جوابدارن آپگهاتي بمبار کي بلوچستان مان آندو ويو ، جنهن  کي تربيت ڏئي شڪارپور پهچايو ويو، جيڪو هڪ مهيني تائين ريڙهو هلائي امام بارگاهه جي ريڪي ڪندو.

سيد قائم علي شاهه شڪارپور سانحي جي جاچ ڪندڙ پوليس ۽ رينجرز ٽيم لاءِ 50 لک رپين جو انعام جو اعلان ڪندي چيو ته شڪارپور سانحي جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو ويندو.

سيد قائم علي شاهه صوبي ۾ پوليس جي سينيئر پوليس عملدارن جي مقررين ۽ بدلين تي ٽن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪندي چيو آهي ته پوليس عملدار هڪ سال تائين ساڳئي هنڌ ڪم ڪندا ۽ ٻين کاتن ۾ به عملدارن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته دهشتگردن جو نيٽ ورڪ سنڌ ۾ نه پر ٻين صوبن ۾ آهي ۽ شڪارپور سانحي جي هڪ گرفتار جوابدار وٽان بم ٺاهڻ جو سامان به هٿ آيو آهي.

هن چيو ته مدرسن لاءِ وفاقي حڪومت قانون جوڙي رهي آهي ۽ ثبوتن جي بنياد تي مدرسن توڙي امام بارگاهن ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کي هٽائڻ جو ڪوبه نوٽيس نه مليو آهي ۽ سيڪريٽري کي هٽائڻ تي هن وزيراعظم آڏو احتجاج ڪيو هو.

سيد قائم علي شاهه چيو ته پوليس ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قاتلن کي به گرفتار ڪيو آهي ۽ دهشتگردن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*