پ پ ۽ متحده ۾ دوستي جو نئون سفر شروع ٿي ويو آهي، رحمان ملڪ

پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ سينيٽ چونڊن لاءِ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي وئي آهي،  ٻنهي پارٽين سنڌ ۾ بنا مقابلي اميدوار ڪامياب ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، رحمان ملڪ چيو آهي ته پ پ ۽ متحده جي اميدوارن هڪٻئي خلاف هٿ کڻي ڇڏيو آهي ۽ دوستي جو نئون سفر شروع ٿي ويو آهي.

ايم ڪيو ايم جي وفد سيد سردار احمد جي اڳواڻي ۾ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران رحمان ملڪ به موجود هو.

 ان موقعي تي ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن سينيٽ چونڊن لاءِ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جون ڳالهيون ڪري اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

رحمان ملڪ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي نامزدگي فارم واپس وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ ۽ متحده جي اميدوارن هڪٻئي خلاف هٿ کڻي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، رحمان ملڪ چيو ته متحده ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ دوستي جو نئون سفر شروع ٿي ويو آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*