نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽ سخت مقابلي بعد آسٽريليا جي ٽيم کي 1 وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي

آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏيل طور جاري 11هين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي پول اي جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽ سخت مقابلي بعد آسٽريليا جي ٽيم کي 1 وڪيٽ تان  شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪوغلط ثابت ٿيو.

آسٽريليا جي مضبوط ٽيم ڪيوي بالرز آڏو بيوس نظر آئي ۽ پوري ٽيم 32 ڏهائي 2 اوورس ۾ 151 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

آسٽريليا جي ٽِيم پاران براڊ هيڊن 43، ڊيوڊ وارنر 34، شين واٽسن 23،آرون فنچ 14۽مائيڪل ڪلارڪ 12 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ٽرينٽ بولٽ شاندار بالنگ جومظاهرو ڪندي 10 اوورس ۾ 3 ميڊن اوورس ڪري 27رنز ڏئي 5، جڏهن ته ٽم سائوٿي ۽ڊنيئل وٽوري 2-2 ۽ ڪوري اينڊرسن هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم آسٽريليا جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 152رنز جو ٽارگيٽ هڪ دلچسپ۽سخت مقابلي بعد 23 ڏهائي 1 اوورس ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميچ ۾ ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ڪپتان برينڊن ميڪيولم 24 بالن تي 7 چونڪن ۽3ڇڪن جي مدد سان 50 رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ميچ ۾ ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ڪين وليمسن ادا ڪيو، جنهن 45 رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

آسٽريليا جي ٽيم پاران مچل اسٽارڪ 9 اوورس ۾ 28رنز ڏئي 6 ، جڏهن ته ڪمنز ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

                                                                                   نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ کي بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنوويو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*