ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي جي پي جي حڪومت ٺهندي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي

ڀارتي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾  بي جي پي جي حڪومت ٺهندي.

ڀارت ۾ حڪمران جماعت پاران مسلم اڪثريتي آبادي واري رياست ڄمون ڪشمير  ۾ نگران حڪومت  ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو   آهي.

 ان طرح هندو قوم پرست پارٽي بي جي پي ڄمون ڪشمير ۾  اقتدار ۾ اچي ويندي.

 پي ڊي پي جي سربراهه مفتي سعيد نئين دهلي ۾ وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪري اتحادي حڪومت جي جوڙجڪ تي ڳالهيون ڪيون.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مفتي سعيد چيو ته، وزيراعظم ۽ مونکي معاملن جي خبر آهي ۽ اسان اتفاق ڪيو آهي ته حلف برداري جي تقريب پهرين مارچ تي ٿئي.

هن چيو ته وزيراعظم ۽ منهنجو خواب آهي ته ڄمو ۽ ڪشمير امن جو  ڳڙهه بڻجي وڃي ۽ اسان ان حوالي سان پاڪستان سان به ڳالهيون ڪنداسين.

 ايندڙ آچر تي ٿيندڙ حلف برداري تقريب ۾ مفتي سعيد احمد رياست جي وڏي وزير طور حلف کڻندو.

 واضح رهي ته ڊسمبر مهيني ۾ والاريل ڪشمير جي چونڊن ۾ 87 ميمبرن تي ٻڌل پارليامينٽ ۾اڪثريت هاصل ڪرڻ ۾ ڪابه پارٽي ڪامياب نه ٿي ،پي ڊي پي سڀني کان وڌيڪ 28 سيٽون هاصل ڪيون ۽ بي جي پي 25 سيٽون حاصل ڪري ٻئين نمبر تي رهي.

ٻن مهينن جي ڳالهين بعد ٻنهي پارٽين اتحادي حڪومت جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*