پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي وئي ٻنهي پارٽين جا 4 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا

پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ سينيٽ چونڊن لاءِ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي وئي آهي،  ٽيڪنو ڪريٽ ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تي ٻنهي پارٽين جا 4 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته جنرل جي 7 سيٽن تي پ پ، متحده ۽ فنڪشنل ليگ جي 8 اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

پ پ ۽ متحده ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ کانپوءِ ٽيڪنوڪريٽ ۽ عورتن جي مخصوص سيٽن تي ٻنهي پارٽين جا 2-2 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن.

ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي پيپلز پارٽي جو فاروق ايڇ نائڪ ۽ متحده جو بئريسٽر سيف بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، عورتن جي مخصوص سيٽن تي پيپلز پارٽي جي سسئي پليجو ۽ متحده جي نگهت مرزا به بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويون آهن.

فاروق ايڇ نائڪ سامهون متحده جي عبدالقادر خانزاده ۽ بئريسٽر سيف جي سامهون پيپلز پارٽي جي رحمان ملڪ هٿ کنيو آهي.

عورتن جي مخصوص سيٽن تي سسئي پليجو جي حق ۾ ايم ڪيو ايم جي خوش بخت شجاعت، سيمي زيدي ۽ تحسين مشڪور هٿ کنيو آهي.

متحده جي نگهت مرزا جي حق ۾ پيپلز پارٽي جي شمع مٺاڻي هٿ کڻي وئي آهي.

سنڌ ۾ سينيٽ جي باقي رهيل 7 سيٽن تي پيپلز پارٽي، متحده قومي موومينٽ ۽ فنڪشنل ليگ جي 8 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

پيپلز پارٽي جو رحمان ملڪ، اسلام الدين شيخ، سليم مانڊوي والا، انجنيئر گيانچند، لطيف انصاري اميدوار هوندا، جڏهن ته متحده جي خوش بخت شجاعت، ميان عتيق ۽ فنڪشنل ليگ جو امام الدين شوقين سينيٽ چونڊ وڙهندا.

سنڌ ۾ سينيٽ جي چونڊن لاءِ مختلف سيٽن تي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جا بابر غوري، رحمان ملڪ، وسيم اختر، امين الحق، خوش بخت شجاعت، دوست علي جيسر، گل فراز خٽڪ، تحسين مشڪور، عبدالقادر خانزاده، سيد رضا زيدي ۽ ٻيا اميدوار هٿ کڻي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*