ايم ڪيو ايم پاڪستان رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ رئوف صديق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ جو ورهاڱو نٿي چاهي

rauf sidiqui

ايم ڪيو ايم پاڪستان رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ  رئوف صديق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ جو ورهاڱو نٿي چاهي، انتظامي يونٽن جي گهر کي سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو نه سمجهڻ گهرجي.

رئوف صديقي پنهنجي رهائشگاهه تي تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته آءِ جي سنڌ ايماندار پوليس آفيسر آهي، هن طرفان سپريم ڪورٽ ۾ ڪرپشن ۽ بد عنوانين ۾ ملوث 12 هزار اهلڪارن جي لسٽ جمع ڪرائي وئي آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته پاڪ سر زمين پارتي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ سياسي ورڪنگ رليشن شپ لاءِ ٻيهر رابطو ٿي سگهي ٿو.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سليم شهزاد جي نئين پارٽي ٺاهڻ بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي،ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ميئر ارشد وهرا سميت جن پي ايس پي ۾ سموليت ڪئي آهي انهن جي استعفائن کي قبول ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*