سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن

Accident-Road-27217

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن.

کڏڙو ويجهو ڄام صاحب وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ميرحسن شر جو رهواسي نوجوان اعجاز علي فوت ۽ محراب  شر زخمي ٿي پيو آهي، جن کي نوابشاهه اسپتال پهچايو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.

فوتي جو لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.

جڏهن ته فوتي نوجوان حبيب شوگر مل ۾ سيڪيورٽي گارڊ هو، جيڪو ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.

ڀان سيد آباد ويجهو کاڻوٺ وٽ انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ عمران علي سندس زال ۽ ٻه ٻار سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال پهچايو ويو، جتي زخمين جو علاج جاري آهي.

مانجهند ويجهو ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ انڊس هاءِ وي تي سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

 انڊس هاءِ تي ڄاڃين سان ڀريل سوزوڪي  جو ٽائر ڦاٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ پيارو چانڊيو، صدور، خميسو هڪ عورت سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ  تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 جڏهن ته ڄاڃين سان ڀريل سوزوڪي حب چوڪي کان جهٽ پٽ وڃي رهي هئي،  ته ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ ٽائر ڦاٽڻ سبب حادثو پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*