پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر سميت قومي رانديگرن انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي کي شادي جي مبارڪ ڏني آهي

muhammad amir

پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر سميت قومي رانديگرن انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي کي شادي جي مبارڪ ڏني آهي، محمد عامر بري نظر کان بچڻ جي جوڙي لاءِ دعا به ڪئي.

اسٽار بالر جيڪو هن وقت ٽي 10 ليگ کيڏڻ لاءِ دبئي ترسيل آهي، هڪ انٽرويو ڏيندي هن جو چوڻ هو ته مان ٻنهي جي شادي ٿيڻ تي خوش آهيان ۽ ويرات ڪوهلي کي زندگي جي نئين اننگ کيڏڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو.

هن چيو ته ويرات ڪوهلي جيئن ڪرڪيٽ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، منهنجي دعا آهي ته انوشڪا سان هن جي شادي به ائين ڪامياب رهي.

 محمد عامر ٻنهي کي ٽوئيٽر تي به شادي جي مبارڪ ڏني هئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*