قمبر ويجهو مهي مڪول ٿاڻي تي جج ڇاپو هڻي ٽي مهينا اڳ گم ٿيل نوجوان عابد مغيري بازياب ڪرايو

kamber

قمبر ويجهو مهي مڪول ٿاڻي تي جج ڇاپو هڻي ٽي مهينا اڳ گم ٿيل نوجوان عابد مغيري بازياب ڪرايو، ايس ايڇ او کي سومر تي عدالت طلب ڪيو آهي.

سول جج ٽو عمران علي ملڪ ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ٽي مهينا اڳ گم ٿيل نوجوان عابد مغيري کي بازياب ڪرايو آهي.

جج، ايس اڇ او جان محمد مڱريو کي رڪارڊ سميت سومر تي عدالت طلب ڪيو آهي.

بازياب ٿيل نوجوان عابد مغيري چيو ته ايس ايڇ او بيگناهه گرفتار ڪري 5 لک رشوت گهري رهيو هو نه ڏيڻ جي صورت ۾ مون کي هاف فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو.

هن مطالبو ڪيو ته پوليس عملدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*