ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو معاملو هاڻي بهتر ٽريڪ تي اچي ويو آهي

khuwaja saad

ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو معاملو هاڻي بهتر ٽريڪ تي اچي ويو آهي، سنڌ جو وڏو وزير ۽ اسان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.

ڪراچي ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته سنڌ جو وڏو وزير ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ خاص دلچسپي وٺي رهيو آهي، ان معاملي تي وفاق ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ڪي به اختلاف  نه آهن.

سعد رفيق چيو ته روزانو نوان واقعا ضرور جنم وٺي رهيا آهن، پر پوءِ به چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن.

هن جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت ۾ معيشيت وڏي ترقي ڪئي آهي، قرض ايترو وٺي رهيا آهيون، جيترو واپس ڪري سگهون.

هن چيو ته اڳ ۾ ڀٽو مخالف ۽ ڀٽو حامي سياست ٿيندي هئي، پر اڄ ڪلهه نواز مخالف ۽ نواز حامي پاليسي هلي رهي آهي، حڪومتن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، وقت ضايع ڪرڻ سان عوام جو نقصان ٿيندو.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي شهرين کي سٺي تعليم، صحت ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻيون پونديون…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*