سنڌ جي گورنر محمد زبير آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ٽين ورسي تي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي

muhammad zubairسنڌ جي گورنر محمد زبير آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ٽين ورسي تي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته شهيدن جي عظيم قرباني  دهشتگردن خلاف قوم کي متحد ڪري ڇڏيو.

گورنر محمد زبير چيو ته اسڪول جي ٻارن پنهنجي جان قربان ڪري  دهشتگردن جا اردا ناڪام بڻائي ڇڏيا.

هن وڌيڪ چيو ته ٻارن جي عظيم قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو، اڄ جي  ڏينهن دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪيو آهي.

هن چيو ته پوري قوم دهشتگري خلاف جنگ ۾ پنهنجي فوج کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*