شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت امام بارگاهه سانحي جي ٻن جوابدارن کي 20 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت امام بارگاهه سانحي جي ٻن جوابدارن کي 20 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

شڪارپور پوليس سانحي ۾ ملوث ٻن جوابدارن غلام رسول بروهي ۽ خليل احمد زهري کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو.

عدالت پوليس جي درخواست تي ٻنهي جوابدارن کي 20 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

شڪارپور سانحي ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو، جن ڏوهه جو اعتراف به ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*