صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو آهي ته نواز ليگ جي تڏا ويڙهه شروع ٿي وئي آهي

meher hazar khan

صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو آهي ته نواز ليگ جي تڏا ويڙهه شروع ٿي وئي آهي، جي ڊي اي جهڙا ڪيترائي اتحاد ٺهيا آهن، پر پ پ جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن، ڪارڪن اليڪشن جون تياريون ڪن.

صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي ٺاروشاهه ۾ هڪ روڊ جو  افتتاح ڪيو،  افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته پ پ سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪيا آهن، وفاقي حڪومت ڪٿي به نظر نٿي اچي، نواز ليگ جو ڪم لهي ويو آهي، ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي.

هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جي ڊي اي جهڙا اتحاد سنڌ ۾ اڳي به کوڙ ٺهي چڪا آهن، پر پ پ کي ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهن، هي سڀ گڏجي هڪ سيٽ به نه کڻي سگهندا.

هن ڪارڪنن کي  چيو ته اليڪشن جون تياريون ڪريو، ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.

جڏهن ته تقريب ۾  پ پ اڳواڻ سردار عثمان خان عالماڻي، پ پ جي ضلعي صدر ذوالفقار بهڻ  ۽ ٻين تقريب کي خطاب پڻ ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*