سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عدليا پ پ کي ڌار نظر سان ڏسندي آهي

cm khitab

سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عدليا پ پ کي ڌار نظر سان ڏسندي آهي، نوجوانن جو ليڊر عمران خان نه پر بلاول ڀٽو زرداري آهي.

 وڏو وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾تقريب کي خطاب ۽ ميديا سان ڳالهائندي چيو ته سپريم ڪورٽ مان نون ليگ ۽ پي ٽي آءِ لاءِ مثبت فيصلا آيا آهن،  پر عداليا پ پ کي ٻئي نظريئي سان ڏسندي آهي.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته 2018 واريون چونڊون عمران خان جون آخري چونڊون هونديون ، هو نوجوانن جو نمائندو نه آهي، نوجوانن جو نمائندو بلاول ڀٽو زرداري آهي.

هن چيو ته اڄ جو نوجوان جوش ۽  جذبي سان ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي.

مراد علي شاهه چيو ته منهنجي قائد محترما بينظير ڀٽومسلم دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم بڻي، هن ليدي هيلٿ ورڪر پروگرام شروع ڪيو.

وڏي وزير پروگرام ۾ شريڪ عورتن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان عورتون ملڪ جو مسقبل آهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*