جهانگير ترين پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

jhangir-tareen

جهانگير ترين پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جهانگير ترين چيو ته عمران خان جي دوستي وڏو اثاثو آهي جيڪا برقرار رهندي، عمران خان ۽ مان ڪڙي احتساب کي منهن ڏنو، منهنجي نااهلي فني بنيادن تي ٿي، اخلاقي طور پارٽي عهدو رکڻ مناسب ناهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل آفيس پاران جهانگير ترين پاران عمران خان کي لکيل استعفيٰ ميڊيا کي جاري ڪيو ويو آهي.

استعفيٰ ۾ جهانگير ترين لکيو ته سندس سياست ۾ حصو وٺڻ جو ڪارڻ ملڪ ۾ سياسي ڪلچر تبديل ڪرائي ملڪ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ هئي.

جهانگير ترين چيو ته هن ساڳيو مقصد حال ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جوائن ڪئي جنهن ۾ ڪو به ذاتي مفاد شامل نه هو.

 هن ۾ لودهران جي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته بي غرض حمايت تي لودهران جي عوام جو شڪر گذار رهندو.

جهانگير ترين عمران کي لکيو ته سر اوهان جي ڪوششن هيٺ پاناما پيپرز ملڪي تاريخ تبديل ڪئي، پر مافيا توهان ۽ مون خلاف چال کيڏندي سپريم ڪورٽ ۾ گهسيٽيو ۽ منهنجي نااهلي جو سبب بڻي.

پي ٽي آءِ جي استعفيٰ ڏيندڙ سيڪريٽري جنرل لکيو ته کيس ملڪ جي سڀ کان گهڻي ٽيڪ ادا ڪندڙ ايم اين اي کي نااهلي ڪرڻ تي مايوسي به ٿي آهي.

جهانگير ترين لکيو ته ٻڌايل سبب جي ڪري اوهان کي پارٽي جي عهدي تان استعفيٰ ڏيان ٿو.

هن عمران خان کي سهڪار جاري رکندي عمران خان کي ايندڙ چونڊن ۾ ملڪ جي وزيراعظم طور ڏسڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*