مٽياري ويجهو تيز رفتار بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾هڪ مسافر فوت ۽ 4 عورتن سميت 14 مسافر زخمي ٿي پيا

matiari bus kalti zakhmi

مٽياري ويجهو تيز رفتار بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾هڪ مسافر فوت ۽ 4 عورتن سميت 14 مسافر زخمي ٿي پيا.

قومي شاهراهه تي ٻُڍاڻي وٽ مسافر بس تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 عورتن سميت 15 مسافر زخمي ٿي پيا.

 زخمين کي مٽياري جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان 5 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، جتي هڪ مسافر فوت ٿي ويو.

زخمين ۾ ابراهيم خاصخيلي، شريف بليدي جان محمد واڍو ۽ مسمات شاهين شامل آهن.

حادثي جو شڪار بس نوابشاهه کان حيدرآباد وڃي رهي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*